عـلـي اڪـبر خـان ٽالـپـر مير

عـلـي اڪـبر خـان ٽالـپـر ‘مير’: هـي خيـرپـور رياست جي حـاڪـم مير رستم خان ٽالپر اول جو ٻيو نمبر پٽ هو، مير علي اڪبر خان ٽالپر مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ پنهنجي پيءُ جي قيد ٿيڻ کان پوءِ ڀائرن سان جلاوطن ٿيو ۽ گهڻي عرصي کان پوءِ جڏهن ٻيا مير آزاد ٿي وطن واپس موٽيا، تڏهن هي به واپس آيو، ۽ محرابپور جي ويجهو پنهنجي نالي پويان ‘ٽنڊو مير علي اڪبر خانٻڌي ويٺو ۽ عمر جو باقي عرصو اتي ئي گذاريائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعري جو شوق هوندو هو ۽ ‘اڪبر’ تخلص استعمال ڪندو هو. هن فارسيءَ ۾ ڪيترائي غزل، مرثيا ۽ منقبت چيا آهن. سندس ڪلام پختو ۽ سنجيدو آهي. ڌڄوال فقير سندس درٻاري شاعر ۽ قوال هو.
مير علي اڪبر خان 1222هه/1809ع ۾ ڄائو ۽ 1272هه/1860ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قطعه تاريخ مير سهراب خان مسڪين چئي، جنهن جو هڪ بند هت ڏجي ٿو:
جست خرد سال وفاتش شنيد،
“داخلِ جنات نعيمه بود”
1272هه


هن صفحي کي شيئر ڪريو